ثناءَ الله قادري

ثناءَ الله قادري: هندستان جو مشهور صوفي بزرگ ۽ عالم الله قادري'>ثناءَ الله قادري ولد نانا شاهه عبدالعزيز 1809ع تي طنگاهه، ضلعي بلند مير ۾ ڄائو. هن تعليم ۽ تربيت پنهنجي ناني کان حاصل ڪئي. ننڍي عمر ۾ رفوگريءَ جو ڪم سکيو. واپار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ايران، ڪابل ۽ هندوستان جي ڏورانهن هنڌن تائين سفر ڪيو. هن پهرين پنهنجي ناني جي هٿ تي دستِ بيعت ڪئي. ان کان پوءِ شاهه محمد صادق رح جو مريد ٿي سلوڪ جي منزل طئي ڪيائين. ثناءَ الله لاهور آيو ۽ هتي هن سنڌي بزرگ حضرت ميان مير سنڌيءَ کان روحاني فيض حاصل ڪيو.
لاهور کان پوءِ هو ڪابل ويو، جتي هن شاهه قلندر کان روحاني فيض حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنجاب موٽي اچي شهر گجرات ۾ حضرت شاهه دولهه دريائيءَ جي درگاهه تي حاضري ڀري ۽ روحاني فيض سان مالامال ٿيو. هن پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن جلال پور جٽان ۾ گذاريا. هن صوفي بزرگ هڪ سؤ کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن مان 37 ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾: (1) ”ديوان خراباتي“، (2) ”خلاصته الاسرار“، (3) ”شمع العارفين“، (4) ”بحر انوار“، (5)”جنت الاسرار“،(6)”تحفته الزمان“،(7) ”جنت العارفين“، (8)”مجمع ابرکات“،(9)”مثنوي دردنامه“،(10)”تذڪره الواصلين“، (11) ”سراج الطالبين“، (12) ”حقيقت الاولياءَ“ ۽ (13) ”تفسير ثناء“ قابل ذڪر آهن.
هن صوفي بزرگ جي وفات 1879ع تي جلال پور جٽان ۾ ٿي.


لفظ ثناءَ الله قادريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1809.00.00  عيسوي

عالم ثناءَ الله قادري ولد نانا شاهه عبدالعزيز 1809ع تي طنگاهه ضلعي بلند مير ۾ ڄائو


1879.00.00  عيسوي

ثناءَ الله قادري جي وفات 1879ع تي جلال پور جٽان ۾ ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز ٻرڙو
ڇٻلاڻي منگهارام
سيد دادن شاهه جهانيان
شاهه اسد
استاد نصرت فتح علي خان
ايڇ ٽي لئمبرڪ
ثناءَ الله قادري
عاشق حسين پاٽولي استاد
حڪيم الهندو خان جويو
عبدالقادر محمد حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون